راس مسعود حسين

راس مسعود حسين: سنڌ جو اڳوڻو ڪليڪٽر راس مسعود حسين ولد محمد حسن، 12 جون 1928ع تي هندستان جي علائقي پوني ۾ ڄائو. سندس والد عليڳڙهه جو گرئجوئيٽ هو، جيڪو ورهاڱي کان پوءِ گجرانوالا لڏي آيو. هن ابتدائي تعليم سينٽ پيٽرڪ اسڪول مان حاصل ڪئي. ان کان پوءِ 1949ع ۾ سنڌ مسلم لا ڪاليج مان گريجوئيشن ڪيائين. هي ’لا ڪاليجيئن‘ رسالي جو ايڊيٽر به رهيو ۽ ان کانسواءِ ڪيترن غير نصابي سرگرمين ۾ بهرو ورتائين، خاص ڪري تقريري مقابلن ۾ ڪيترا انعام حاصل ڪيائين.
هن 1951ع ۾ سي. ايس. پي جو امتحان پاس ڪيو ۽ ان کانسواءِ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ مان ايم. پي. اي (پبلڪ ائڊمنسٽريشن) جي ڊگري به حاصل ڪئي. سنڌ ۾ ڪيترن ضلعن ۾ ڪليڪٽر جي عهدي تي رهيو ۽ سنڌ جي باصلاحيت عملدارن ۾ شمار ٿئي ٿو.


لفظ راس مسعود حسينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1928.06.12  عيسوي

سنڌ جو اڳوڻو ڪليڪٽر راس مسعود حسين ولد محمد حسن، 12 جون 1928ع تي هندستان جي علائقي پوني ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حامد علي مرزا
بيبي جمال خاتون سيوستاني
ڀٽو مولا بخش مسڪين
ڀوڄواڻي
جيلاني ولايت شاهه سيد
بخشڻ مهراڻوي
ڄام غلام قادر خان
حميد شيخ
خانبهادر احمد خان سڌايو
چنا محمد عالم
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون